Wednesday, October 12, 2011

Honor Killings and domestic violence claimed 45 women lives in the month of September, 2011 in Sindh.


45 women killed under the allegation of Honor Killings (karo Kari) in one month of September 2011 in Sindh province of Pakistan, Including 3 double murders (man and women killed together) 7 men were also killed under Karo Kari claim.
According to study conducted by women right cell of Research and Development for Human Resources (RDHR) Sindh Honor killings claimed 21 women lives in month September, 15 were killed in Domestic violence, while 9 women killings reason remains mystery.
Most of Karo Kari cases were reported in District Qambar Shahdadkot, where 4 women were killed under KaroKari allegation. 3 women killed in Jacobabad District, 2 each in Ghotki, Kandhkot, Shikarpur, Larkana and Kherpur Districts, while in one each woman killed in Nawabshah, Sukkur, Kashmor and Tando Muhammad Khan districts.
Incuding 3 double murders, 7 men killed under the allegation of Karo Kari, two men were killed in Jacobabd District, while one each man killed in Qambad Shahdadkot, Sukkur, Kherpur, Kashmor and Tando Muhammad Khan districts.
Domestic violence claimed 15 lives of women, 5 each in Karachi and Kandhkot districts, while one each in Jacobabad, Tando Allahyar, Nawabshah, Sukkur, Jamshoro, Kherpur and Mirpur Khas Districts. While 9 women killed by unidentified persons, their death reasons remained mystery…

Wednesday, August 24, 2011


Another Season of pain

Naeem Mallah

People who have faced previous flood, they must remember the pain to be the victim, which pain of the victims I had seen is yet alive on my eyes, no one can make that blind, few pain full movements wasted by the tears, people who felt the pain of the victims, they helped them, and people who felt to get advantage from the pain of the people, their bank  accounts are full of money at the movement, but they are limited in the banks, people who help the victims are in the ground at movement, they are in the discussion, , they are remembered in the prayers of the flood victims.
 Again it is the season of pain, Rain made the session of pain for the people belonging to T.M khan, Badin, MirpurKhas, Mithi, Tando Allahyar, Mirpur Mathelo, and other areas of Sindh. 
lets c who is going to be remember in prayers again, who will help the heavy rain affective people.
ِGovernment do not suppose rain affective people as a victim, that’s why they did not asked UN to help the victim people.
This government is even not taking any action against the killers in Karachi, they are even not known of the pain of the people who are being killed in Karachi, so how they can feel the pain of the Heavy rain victim people. What I thought personally that government is not calling UN to help, because they want to help themselves to make their image better, as their image is going downward, but finally they decided to call UN, not to help themselves.
government set lots of allegations on local NGOs that they are not informing government about their targeted areas, so that actual effectives are facing problems while two projects are being implemented in the same area, but fact is that government can only search or mention such areas, where is there Vote Bank, they will not guide to help those people who are under oppositions circle.
As i went to visit UC Lakhat and Ghulam Shah Bagrani of District T.M. Khan, these areas are under the opposition site, 4 to 5 feet water was hitting the area, 80% rice and Sugarcane crop diminished, people lost their houses, suffering from food and hygiene problems, but yet no any minister visited and yet no any NGO survived to help them.
I will request all helping NGOs, you people are now totally aware of helping people in Flood situation, got different disaster management trainings, got disaster experience, so by taking previous experience, every NGO should work rapidly to help people. They know how and where to help.
UN organizations are being requested to help Rain affective people, so NGOs should go over their, and should start rehabilitation work, they must have some amounts on their accounts as they got lots of funds in previous flood, they can utilize a bit from their, hope UN will again help by giving Funds.
NGOs should work properly and cleanly, without any kind of corruption, because this fund is given by Common people, May a Student gave from his pocket money to help the people, May any person did not eat a time to save some amount for the flood affective people, we can not do any kind of corruption in this fund. This is for the people by the people; we are just link to link them.




هڪ ٻي دردن جي مند...!!!

نعيم ملاح

گذريل سال ٻوڏ جا درد جن سٺا، سي تن کان نه وسريا هوندا! ۽ جيڪي مون ڏٺا، سي اڃان اکين ۾ جيئرا آهن، اهي درد لڪاڻا ناهن، توڙي جو ڪجهه لڙڪن ۾ لڙهي به ويا،  جن درد کي پرکيو، تن دوا ڪئي، جن کي ٻين جي دردن ۾ پنهنجو عيش و آرام پئي سجهيو، انهن وڃي پيٽ ڀريا! جي هو شاهه جي هن بيت تي پورا لهن ته هوند سندن ڏات واقعي ڏهوڻي ٿي وڃي ها.
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي...
پاڻ ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻوڙي کائي، جنهن ڪنهن متاثر جي مدد ڪئي، سو ئي سڄڻ سنڌ جو! هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر دردن جي مند آهي، ڏسون ته ڪير ٿو دوا بڻجي ۽ پنهنجي ڏات ڏهوڻي ڪري!
اڳ اڍائي ڪروڙ، هاڻ 40 لک متاثر! هاڻ ته ٻوڏ هر ڪنهن اکين سان ڏٺي آهي، پرکي آهي، پاڻيءَ جو جوڀن هي ڪو نئون ناهي، هاڻ ته هر ڪنهن کي سرٽيفڪيٽ مليل آهن، ٻوڏ ۾ مدد ڪرڻ جا!!! هاڻ برسات متاثر،  ڊزاسٽر ايڪسپيرينسڊ “ڏانهن واجهائي رهيا آهن.
حڪومت کي ته برسات متاثرن جو درد ڪو درد ئي نٿو لڳي، تڏهن ئي ته هنن يو اين کي برسات متاثرن جي مدد جي اڳواٽ ڪا آڇ نه ڪئي، نتيجي ۾ يو اين پنهنجي پارٽنرن کي برسات سٽيل علائقن ۾ وڃڻ کان ان ڪري روڪي ڇڏيو، جو حڪومت ئي کين اهڙي اجازت نه ڏني آهي، تنهن ڪري هو نه ويندا! ظاهر آهي، جيڪي ڪراچيءَ ۾ روز 40،40لاشن ڪرڻ کي به ڪو درد نٿا سمجهن ۽ ڪا حڪمت عملي (لفظي حڪمت عملي کانسواءِ) نظر نٿي اچي، انهن کي ميرپورخاص، مٺي، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، ميرپور بٺورو ۽ ٻين علائقن ۾ متاثرن جو درد ڪٿان محسوس ٿيندو، تڏهن ئي ته مظفر شجراع پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هنن يو اين کي ان ڪري مدد جي اپيل نه ڪئي هئي جو کين لڳي رهيو هو ته برسات ماڻهن کي گهڻو متاثر ناهي ڪيو پر هاڻ يو اين کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.
مون کي ذاتي طور تي يو اين کي اپيل نه ڪرڻ مان ائين لڳي رهيو هو ته شايد حڪومت پنهنجي سر پاڻ انقلابي قدم کڻي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري پنهنجو ڪريل معيار بهتر بڻائيندي، بهرحال کين وري به يو اين جي مدد جي ئي ضرورت پئي آهي. حڪومت ته گذريل سال ٻوڏ سٽيل سڀني متاثرن کيوطن ڪارڊڏئي ڇڏيا هئا!!! ٻي قسط به جاري ڪن ها، پر هاڻ برسات متاثرن سبب ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ نه ڏئي سگهندا!!! سي ڪهڙو برسات متاثرن جي مدد ڪندا!!!
هونئن ته حڪومت جو اين جي اوز جي ڪم تي کوڙ سارا سوال آهن،  حڪومت گذريل ٻوڏ ۾ مختلف گڏجاڻين ۾ اين جي اوز تي ڇوهه ڇنڊيندي رهي آهي ته هو اسان کي اڻڄاڻ رکي خبر ئي ناهي ته ڪهڙن علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جي هو اسان کي ٻڌائين ها ته اسان سندن متاثر علائقن جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڏيون ها ۽ ان سان اصل متاثرن جي بحالي ممڪن هئي!!! پر  اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته حڪومت جي متاثر علائقن جي لسٽ ۾ صرف اهي ئي علائقا شامل هوندا آهن، جيڪي سندن يا ته ووٽر هجن ٿا يا سندن حمايتي هجن ٿا، مخالف ڌر جو تڪ ڀلي ڪيڏو نه متاثر ٿيو هجي، حڪومت جي اک ان هنڌ تائين ناهي پهچندي، سندن ڪن مخالف ڌر جي علائقن جي متاثرن جون دانهون ٻڌڻ کان ٻوڙا هوندا آهن.
اسان جو ٽنڊو محمد خان جي ٻن يوسين ۾ وڃڻ ٿيو، تعلقو لاکاٽ ۽ غلام شاهه باگراڻي يوسين ۾ اهي ڳوٺ متاثر ٿيل آهن، جيڪي شايد حڪومت جي حمايتي دائري ۾ نٿا اچن، برسات ۽ سم نالن جي پاڻي سبب ڄاڻايل يوسين جي مختلف ڳوٺن ۾ چيلهه جيترو پاڻي بيٺل آهي، 80 سيڪڙو ساريالو فصل ۽ 50 سيڪڙو ڪمند متاثر ٿيو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن سخيءَ جي وک انهن يوسين جي ڳوٺن تائين ناهي پهتي.
گذارش ڪبي ته گذريل سال جي ٻوڏ جي نتيجن، ڏکيائين ۽ ٻين سڀني تجربن کي نظر ۾ رکندي برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ٿيڻ گهربي هئي، جيڪا هينئر تائين نه ٿي سگهي آهي، هينئر ته ڪنهن ٽيم کي دادوءَ مان ٺٽي جي ابتڙ سفر به ناهي ڪرڻو پيو، ته پوءِ سڀني اين جي اوز کي ماضيءَ جي تجربن کي استعمال ڪندي فوري متاثرن جي بحالي کي يقيني بنائڻ گهرجي،
هاڻ يو اين کي اپيل به ٿي چڪي آهي، اميد ته امداد جو آسرو به آهي، جي امداد ۾ ٿوري دير به ٿئي ٿي ته پٺين سال ٻوڏ جي مليل امداد مان ضرور ڪجهه نه ڪجهه اڪائونٽس ۾ پيل هوندو، ان کي استعمال ڪيو وڃي، باقي حڪومت مان ڪابه اميد چڱائي جي آهي ڪونه! گهٽ ۾ گهٽ سنڌ لاءِ ڪا چڱائي جي اميد اجائي آهي، ملڪ جي وڏي صوبي ۾ جي ڪا مدد ڪرڻي هجي ها ته پوءِ حڪومت سوچي ها، کين ته سنڌ ۾ هونئن ئي مينڊيٽ ملي ٿو، هو ته پنجاب کي پنهنجو تڪ بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن! ۽ ماضيءَ ۾ به اها پ پ جي حڪومت کان شڪايت رهي آهي ته هوءَ حڪومت ۾ هوندي سنڌ لاءِ ڪجهه ناهي ڪندي ۽ سندس مهربانين جو مهور پنجاب ئي هوندو آهي.
اين جي اوز کي هڪ ادب ڀري گذارش ڪبي ته اڳ ئي يو اين جا ادارا حڪومت جي امداد جي حق ۾ ناهن رهيا، هنن حڪومت کي امداد ڏيڻ تي سواليه نشان لڳائي، گذريل سال ٻوڏ ۾ پاڻمرادو ڪم ڪار ڪيو ۽ اين جي اوز کي اهو نيڪيءَ ڀريو ڪم سونپيو .  گذريل سال اين جي اوز کي مليل امداد دوران جيڪا ڪرپشن ٿي، ان جو آءِ اين جي اوز نوٽيس ورتو آهي، ڪجهه نالا منظر عام تي آندا ويا آهن، جن فنڊن ۾ فراڊ ڪيو آهي، اهڙين اين جي اوز کي گذارش ڪبي ته ”پاڻ ته ٻڏو ٿا، پر ٻين کي ٻوڙيو پيا“ حڪومت کانپوءِ اين جي اوز تان يو اين ادارن جو اعتماد کڄي ويو ته مستقبل ۾ جي ڪا وڏي تباهي اچي ٿي ته ان ۾ يو اين ادارن جي فنڊنگ نه رڳو جهڪي هوندي ۽ ماڻهو حڪومت جي سهاري بي يارو مددگار بڻيل هوندا! ان ڪري متاثرن جي مدد ۾ ڪا ڪرپشن نه ڪئي وڃي، ڇو ته يو اين ادارا جيڪا فنڊنگ ڪن ٿا، اهي سندن ملڪن جي عام ماڻهن جي ڪمائيءَ جو هڪ حصو هجي ٿو، ڪو شاگرد پنهنجي اسڪول جي خرچيءَ مان مدد ڪري ٿو ته ڪو سخي هڪ ويلو ويهي، ڪنهن متاثر جي مدد ڪرڻ گهري ٿو، اهڙي امداد کي جي اسان اصل حقدارن تائين نه پڄايو ۽ متاثرن جي مدد نه ڪئي ته اسان تمام وڏا ڏوهاري ٿي پونداسين ۽ سزا جا حقدار به...!!!
naeemmalah@yahoo.com