هڪڙي ڀيڻ، جمع پنجيءَ مان
رنگ به رنگي راکيون ورتيون...
پنهنجي ڀائرن، جي هٿ ۾ ٻڌندي
هن پنهنجي مرڪ ونڊي هئي
کيچل، مستي، پيار ونڊيو هو
خوشي ونڊي هئي، خيال ونڊيو هو
ڀاءُ به پنهنجي خرچي ميڙي
ڀيڻ کي پيارو گفٽ ڏنو هو...
هڪڙيء ڀيڻ وٽ بازارن جي
راکيءَ جيترا پيسا ناهن
گهر جي الماڙيءَ جي ڪنڊ مان ميڙي
هن ڪجهه ڌاڳا، راکي ٺاهي
ڏاڍي سهڻي، پياري ٺاهي،
ڀاءُ ويچارو، مزدوريءَ تان موٽيو ئي ناهي!!!
هڪڙي ڀيڻ ويٺي ڀائر جون واٽون نهاري
ڀاءُ ويچارو، جبري پورهئي جي
قيد پيو ڪاٽي!!!
هڪڙي ڀيڻ جا ڳوڙها
راکيءَ کي چمن پيا ٿا
ڀاءُ ويچارو، ڌاڙيلن وٽ
مغوي آهي!!!
هڪڙي ڀيڻ جون ريتون، رسمون
ويون آهن مٽجي
ڀاءُ ويچارو، مذهب مٽرايل ڀيڻ کان راکي
ڪيئن ٻڌرائي!!!
راکيءَ ڏهاڙي، ڪيترين ئي
ڀينرن جون اکيون
پنهنجي ڀائرن جي ڳولا ۾ هونديون!!!
پنهنجن جذبن کي سيني ۾ سانڍي،
من اندر ۾ رڙنديون هونديون
(نرمل نعيم)