Monday, June 28, 2021

عمرڪوٽ کيجراڙي، ڳوٺ صاله شاهه ۾ قائم قديمي مسجد ڪنهن ٺهرائي؟

 عمرڪوٽ جي کيجراڙي يوسي ۾ هي مسجد پري کان ئي پيارو ڏيک ڏئي رهي هئي، پنهنجي فيلڊ جي دوران مون کي موقعو ملندو آهي ته ڪجهه اهڙا هنڌ ڏسي سگهجن، جيڪي عام طور تي اسان تياري ڪري گهمڻ لاءِ نه ويندا آهيون، پوءِ اهي پنهنجي موبائيل جي ڪئمرا ۾ قيد ڪري پنهنجي يوٽيوب چينل ميربحر تان اوهان سان ونڊيندو آهيان.

هن مسجد بابت خبر پئي ته 2 سئو سال پراڻي مسجد آهي، جيڪا انگريزن جي دور ۾ تعمير ٿي، اها پڻ اڳ ڪٿي آهي ته مغلن جي دور ۾ شايد اها جڙي هجي. مسجد ويجهي کان ڏٺي سين، اتي ڪا تختي ته نه لڳل هئي جو خبر پئجي سگهجي. پر هڪ شاندار اڏاوت ضرور هئي، هن طرز جي امارتن جو ماضي ۾ تعلق ضرور مغل حڪومتن سان رهيو آهي، جهڙوڪ ديوارن جي ڊيگهه، هالا جي ٽائيلن جو استعمال، روشندان، وغيره.
ادا فيصل ٻڌايو ته ڳوٺ صاله شاهه کيجراڙي ۾ هي مسجد ٽالپرن يا جي دور جي ڳالهه آهي، جيڪا صاله شاهه جي وڏڙن ٺهرائي هئي. وڏڙن ٻڌايو ته هنن پنهنجي ڄمڻ کان اڳ ئي هن مسجد ئي ڏٺو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته اڏاوت سوين سال پراڻي آهي.
بحرحال مسجد کي رپيئرن جي ضرورت بلڪل آهي، شايد ڪجهه ڪم به ٿيو آهي، جيڪو پڻ ڏٺو ويو، پر اهو ناڪافي هيو.

وڌيڪ ڏسو هن وڊيو ۾

https://studio.youtube.com/video/VN2xLlxhTqo/edit