ٻارن ۾ وچڙندڙ بيماريون ۽ احتياط
نعيم احمد ميربحر
ٻار پنهنجي پيدائش دوران ۽ پيدائش جي فورن بعد مختلف وچڙندڙ
۽ موذي مرضن جي گهيري ۾ هوندا آهن، حمل جي عمل دوران اوزارن جو صاف سٿرو استعمال،
ماءُ جي مختلف بيمارين کان پاڪ هجڻ، ماءُ جي بهتر خوراڪ، ارد گرد جو ماحول، آس پاس
۾ گهمندڙ سوين، هزارين وجود ۽ کيس ڇهندڙ هٿ سندس صحتياب زندگيءَ جي لاءِ پهرين
امتحان مثل هوندا آهن، جيڪو پاس ڪري هو ٻئي اسٽيج ڏانهن وڌن ٿا، ماءُ جي پهرين کير
ذريعي ٻارن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جا جزا ملي ويندا آهن، سواءِ ٽي بي ۽
هيپاٽائيٽس بي ۽ پوليو وائرس جي بچاءُ جي، جنهن ڪري ان بچاءُ لاءِ پيدائش جي فورن
بعد ٻارن کي حفاظتي ٽڪا هنيا ويندا آهن ۽ پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريا ويندا
آهن.
ٻارن جي ٽي بي
وچڙندڙ بيمارين مان هڪ آهي، جيڪا ساهه ۽ کنگهه ذريعي فضا ۾
ڦهلجڻ سان ٻين تائين پهچي کين مريض بڻائي ٿي، هن بيماري ۾ ٿڪاوٽ، بخار، رات جو
هلڪو پگهر، کنگهه سان گڏ بلغم ۽ شديد حالت ۾ کنگهه سان گڏ رت اچڻ مک علامتون آهن ۽
ٻارن جي ٽي بي ٻار جو وزن ان جي عمر مطابق وڌڻ کان روڪي ٿي.
پوليو
پوليو وائرس سان پکڙجندڙ اهڙي بيماري آهي، جنهن جو حملو
پيدائش کان 5 سالن تائين جي ٻارڙن کي ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي، بخار، ٿڪاوٽ، مٿي ۾
سور، دست يا ٻانهه يا ٽنگ ۾ سور ان بيماريءَ جو علامتون آهن. پوليو وائرس وات جي
ذريعي ٻارن ۾ داخل ٿي سندن هاضمي جي سرشتي ۾ وڃي رت ۾ ڦهلجي حاضمي واري سرشتي ۾
حملو ڪندو آهي، جنهن سان ٻار جي جسم جو ڪوبه حصو هميشه لاءِ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
ڪلين جو پچڻ
ڪلين جو پچڻ به ٻارن جي بيمارين مان هڪ آهي، جيڪا پڻ هڪ
مريض مان ٻئي مريض ۾ ڦهلجي ٿي، هيءَ بيماري گهڻو ڪري سياري جي مند ۾ ٿئي ٿي ۽ خاص
ڪري 15 سالن کان گهٽ عمر جي اهڙن ٻارن کي لڳي ٿي، جن کي ان بيماريءَ کان بچاءُ جا
ٽڪا نه لڳل هجن، هيءَ بيماري وچڙندڙ ۽ موت
جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته ان جي جراثيمن مان نڪرندڙ زهر 2 کان 6 هفتن تائين رت ۾
جذب ٿي حاضمي واري سرشتي تي اثرانداز ٿيندو آهي، جنهن سان جسم جا مختلف حصا فالج
جي پڪڙ ۾ اچڻ جو انديشو هجي ٿو ۽ اهو دل جي نظام کي به متاثر ڪري سگهي ٿو، جنهن
سان جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو هجي ٿو.
جهٽڪن جي بيماري
جهٽڪن جي بيماري سنڌ ۾ عام جام ٿيندي نظر پئي اچي، پيدائش
جي فورن بعد ٻارڙن کي جهٽڪا لڳڻ عام جام ٿيندو پيو وڃي، جهٽڪن جي بيماري هڪ
بيڪٽيريا مان ٿئي ٿي، جيڪو انسان توڙي جانورن خاص طور تي گهوڙي جي هاضمي واري نظام
۾ هجي ٿو، جيڪو جانورن جي ڇيڻي جي صورت ۾ ٻاهر اچي ٿو ۽ فضا ۾ ڦهلجي ٿو. نون ڄاول
ٻارڙن ۾ اها بيماري پيدائش وقت ناڙي کي ڪنهن خراب اوزار سان ڪٽڻ، يا ڪٽيل ناڙي کي
گيهه، مٽي، ڇيڻي يا خاڪ وغيره هڻڻ سان ٿئي ٿي ۽ حمل واري عمل دوران صفائي جو خيال
نه رکڻ سان به ماءُ جي جسم ۾ اهو بيڪٽيريا داخل ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو، جيڪو بعد ۾
جهٽڪن جي بيماري جو سبب بڻجي ٿو.
نوان ڄاول ٻارڙا پهريا 2 کان 3 ڏينهن صحتمند هوندا آهن، پر
پوءَ کير پيئڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڄاڙي بند ٿي ويندي آهي، ٻار جي گردن اڪڙجي ويندي
آهي ۽ ان کانپوءِ جهٽڪا شروع ٿيندا آهن، جنهن ڪري 80 کان 90 سيڪڙو ٻار زندگي هاري ويهندا
آهن.
ميزل داڻن جي بيماري
ميزل جسم تي داڻن جو حملو سنڌ ۾ ٻارڙن جي لاءِ خطرناڪ
بيمارين مان هڪ آهي، هيءَ بيماري وچڙندڙ ۽ ڦهلجندڙ آهي، جيڪا ساهه ۽ کنگهه جي
ذريعي فضا ۾ شامل ٿي ٻين ٻارن کي متاثر ڪري ٿي، شروع ۾ ٻارن کي معمولي بخار، اکين
جو سڄي وڃڻ، زڪام، کنگهه وغيره ٿيندي آهي، پوءِ ٽئين يا ستين ڏينهن چهري ۽ پوء سڄي
جسم تي ڳاڙها داڻا ٿي ويندا آهن، هن بيماريءَ ۾ پڻ ٻار جي فوت ٿيڻ يا معزوري ٿيڻ
جو انديشو پڻ هجي ٿو.
وڏي کنگهه (ڪاري کنگهه)
ڪاري کنگهه اهڙي بيماري آهي، جيڪا خاص ڪري ننڍن ٻارن کي
متاثر ڪري ٿي، جنهن ۾ ساهه جي نالي ۾ سوڄ ۽ خارش جو سبب بڻجي ٿي، جنهن جي ڪري
کنگهه جو شديد حملو ٿئي ٿو، شروع شروع ۾ کنگهه جو حملو وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو آهستي
آهستي گهٽجندو آهي، ان دوران کنگهه سان گڏ بلغم به نڪرندو آهي ۽ الٽيون به ٿينديون
آهن.
هيپاٽائيٽس بي
هيپاٽائيٽس بي هڪ وائرس جو نالو آهي، جيڪو مريض جي رت، ٿڪ،
مادي ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ هوندو آهي. هي بيماري مريض سان گڏ ماني کائڻ، يا هٿ ملائڻ
سان ناهي ڦهلبي، هي وائرس رت جي ادلي بدلي سان هڪ مريض سان ٻئي ۾ منتقل ٿئي ٿو.
جيئن استعمال شده انجيڪشن جو ٻيهر استعمال، مريض ماءُ مان ان جي ٻار کي، نظر ايندڙ
زخمن جي رت جو لڳڻ، ڏندن جي آلوده اوزارن جي ٻيهر استعمال، نڪ يا ڪن ٽوپرائڻ لاءِ
استعمال ٿيندڙ هڪ ئي اوزار سان، نائيءَ وٽ وار ٺهرائڻ دوران استعمال ٿيندڙ اوزارن
جي ٻيهر استعمال سان، مريض جي غير محفوظ جنسي تعلق سان.
هي وائرس جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ 4 کان 6 هفتن تائين
پنهنجون علامتون ظاهر ڪندو آهي. جيتري ننڍي عمر ۾ هي وائرس لڳندو، اوترو ئي امڪان
آهي ته هو بظاهر ته ڪابه علامت ظاهر نه ڪندو پر ٻين ماڻهن ۾ بيماري ڦهلائڻ جو سبب
بڻجي سگهي ٿو.
هن بيماري ۾ مريض ڪمزوري محسوس ڪندو آهي، پيٽ جو خراب ٿيڻ ۽
نزلو ۽ زڪام رهڻ ڪيفيتن ۾ شامل آهن. انتهائي گهري رنگ جو پيشاب، هلڪي رنگ جو ڪاڪوس
به انديشن مان هڪ آهن. اهي علامتون ڪيترن ئي هفتن تائين رهي سگهن ٿيون ۽ ڪمزوري ۽
ٿڪاوٽ ڪيترن ئي مهينن تائين هلي سگهي ٿي. ان جي لاءِ ليبارٽري ٽيسٽ ذريعي ئي خبر
پئجي سگهي ٿي ته مرض آهي يا نه.
ڳاٽي ٽوڙ بخار ، نمونيا
اهڙو ڦهلجندڙ بيڪٽيريا آهي، ان بيماري جا جراثيم مريض جي
ساهه، کنگهه، ڇڪ ذريعي فضا ۾ شامل ٿي ٻين ٻارن کي مريض بڻائين ٿا. ڳلي ۽ نڪ مان
نڪرندڙ پاڻياٺ سان به مرض ڦهلجي ٿو. بخار، کنگهه، ڪن ۾ سور، نمونيا، نروس سسٽم جو
متاثر ٿيڻ اهڙيون علامتون آهن، جيڪي ڳاٽي ٽوڙ بخار جي پيچيدا صورتحال دوران ظاهر
ٿينديون آهن ۽ ٻار کان زندگي کسڻ يا کيس معزور ڪرڻ جو سبب بڻجنديون آهن. 5 سالن
تائين جي ٻارن جي مختلف بيمارين ۾ ٿيندڙ فوتگين ۾ هن بيماري جي شرح تقريبن 17
سيڪڙو آهي.
ٻار جيڪڏهن بيمارين خلاف گهٽ قوت مدافيت رکندا ته کين وڌ
کان وڌ بيمارين جي جڪڙڻ جو خدشو رهي ٿو، پاڪستان ۾ غربت جي شرح کي نظر ۾ رکندي اهو
ته اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو ته 80 سيڪڙو ٻار متوازن خوراڪ کان محروم رهن ٿا، جن
کي قوت مدافيت جي گهٽتائي هجڻ جا وڌيڪ امڪان آهن، ان ڪري مٿي ڄاڻايل بيمارين خلاف
حفاظتي ٽڪن جو پروگرام ٻارن کي انهن بيمارين کان محفوظ به رکي سگهي ٿو ۽ انهن
بيمارين خلاف قوت مدافيت پيدا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، آخر ۾ والدين
کي گذارش ڪبي ته هو پنهنجي ٻارن کي وقت سر حفاظتي ٽڪا هڻائين جيڪو حڪومت طرفان مفت
پروگرام هلايو پيو وڃي ۽ پوليو جا قطرا ته گهر جي در تي ملي رهيا آهن، ان ۾ ڪنهن
به لاپرواهي کان پاسو ڪندي ٻارن کي بيمارين کان بچائين ته جيئن هو صحتمند مستقبل
ڏانهن قدم وڌائي سگهن.
naeemmalah@yahoo.com
http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130294126&Issue=NP_HYD&Date=20150727
No comments:
Post a Comment