انفارميشن کاتو، جعلي ڀرتيون!
نعيم ميربحر
زرياب ڪاڪا جي 7 جون 2017 واري ڪاوش ۾ ڇپيل خط
پڙهيو، جيڪو بجا ۽ وقتائتو آهي ۽ ٿورائتا آهيون ڪاوش سٿ جا جن شاگردن جي مستقبل جي
مسئلي کي جاءِ ڏني، اميد ته اهو خط اعليٰ اختيارين جي نظرن مان گذريو هوندو ۽ ڪوڙ
جي منهن ۾ ڌوڙ ثابت ٿيو هوندو.
39 غير قانوني ڀرتي ڪيل انفارميشن
آفيسرن واري عمل خلاف منهنجي، ماروي اسلم ۽ سجاد بلوچ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمير
گهمرو معرفت پٽيشن داخل آهي، پر نه ڄاڻ ته ڇو هيڏي وڏي قابل وڪيل پاران ڪيس جي هڪ
شنوائي به نه ٿي سگهي، شايد هو ان وقت حڪومت خلاف ٿيندڙ چر پر کي پنهنجي ڪنهن ذاتي
مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو هو جو ڪيس رضامندي سان کنيو به ويو پر شنوائي هڪ به
نه ٿي سگهي، اسان هش ۾ خوش، خير خدا ڄاڻِي راز خدائي! هاڻي هو حڪومتي ڌر آهي ۽
اسان انصاف جي اميد جي آسري ويٺا رهياسين، جنهن لاءِ هاڻ ڪو ٻيو وڪيل ڏسڻو پوندو ۽
خبر ناهي ته ڪيس جي ڪا شنوائي به ٿيندي، انصاف به ملندو يا شاگرد انصاف جي اميد جو
ڏيئو هميشه لاءِ وسائي ڇڏيندا.
ماس ڪميونيڪيشن جا شاگرد هن وقت پنهنجي وجود جي
بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ان جنگ جو آغاز ڪو نئون ناهي نه ئي ڪو رڳو سنڌ
حڪومت جي 39 غير قانوني انفارميشن آفيسر رکڻ خلاف آ، اها جنگ مختلف ادارن طرفان
مختلف وقتن تي ڪيل ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن سان ناانصافين خلاف هلندي رهي آهي,
پوءِ اها سنڌ جي يونيورسٽين جي پي آر اوز جي پوسٽن تي ايم اي انگلش ۽ سوشل سائنسز
جي ڊگرين وارن کي ترجيح ڏيڻ هجي يا سنڌ حڪومت طرفان سڌي پنهنجا نواز پاليسي تحت رول جي ابتڙ ماس ڪميونيڪيشن شعبي
بجاءِ سوشل سائنس شعبي جي شاگردن کي 17 گريڊ جي انفارميشن آفيسري عطا ڪرڻ هجي.
هاڻوڪي ويڙه جيڪا سنڌ حڪومت جي 39 غير قانوني
طور کنيل انفارميشن آفيسرن کي پڪو ڪرڻ خلاف جاري آهي، ان جو آغاز 2012 جي آڪٽوبر مهيني ۾ ٿيو، جڏهن ماس ڪميونيڪيشن
جي شاگردن واڪ ان انٽرويوز ۾ حصو ورتو ۽ اتان مايوس ٿي واپس پنهنجن ماڳن پهتا، مان
به انهن شاگردن جي فهرست ۾ هئس، ڇو ته هڪ هزار کان مٿي شاگردن کان هڪ ئي ڏينهن ۾
انٽرويز وٺڻ وارو عمل سمجهه کان ٻاهر هو، سڄو ڏينهن خوار ٿي هٿ خالي موٽائي
پهتاسين ۽ ٻيهر انٽرويوز ۾ وڃڻ بجاءِ عدالت جو رخ ڪيوسين، ان ڏينهن سڄيءَ سنڌ مان
سوين شاگردياڻيون پڻ انٽرويوز لاءِ پهتيون هيون، جيڪي صبح 9 کان رات جو 10 بجي
تائين انٽرويز جي انتظار ۾ روڊ تي بيٺل رهيون.
اهڙي عمل خلاف 1 ڊسمبر 2012ع واري حيدرآباد ۾ مظاهرا
ڪيا ويا، ان وقت شاگردن جون 3 مک گهرجون هيون، 1 ته 17هين گريڊ جي پوسٽ لاءِ واڪ
ان انٽرويو بجاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ ورتي وڃي، 2 ته انفارميشن آفيسر رول
مطابق ماس ڪميونيڪيشن اسپيشلائزڊ پوسٽ آهي، جنهن لاءِ هڪ شعبو ٺاهيو ويو آهي، ان
ڪري اها پوسٽ انهن ئي شاگردن کي ڏني وڃي نه ته شعبو پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو،
جي ميڊيا سان لاڳاپيل پوسٽ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جيڪو هاڻ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن
شعبي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، کي نه ڏني ويندي ته پوءِ ميڊيا اسٽڊيز ميجر سبجيڪٽ
طور پڙهائڻ ۽ شاگردن جو 4 سال پڙهڻ جنهن ۾ هاڻ ايم فل پروگرام پڻ هلي رهيو آهي،
فضول آهي ۽ 3 ته ان پوسٽ جي پهرين اشتهار ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جو شاگرد هجڻ شرط
رکيو ويو ۽ هزارين شاگردن کان انٽرويوز ورتا ويا، انهن انٽرويوز کي ختم ڪري ٻيهر
گهٽ پڙهي ويندڙ اخبارن جن جي سرڪيوليشن ۽ نالو تمام گهٽ هو، انهن ۾ اشتهار ڏئي
سوشل سائنسز ڊگرين جي شاگردن کي گهرايو ويو، ته جيئن اهو اشتهار عام نه ٿئي ۽ کين
پنهنجا نوازڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ ائين اڳين انٽرويوز کي ختم ڪري ٻيهر وري به ٽيسٽ
بجاءِ انٽرويوز ورتا ويا، جنهن ۾ انٽرويز ڏيندڙ شاگردن مان هڪ کي به نه کنيو ويو ۽
سوشل سائنسز ڊگري هولڊرن کي نوڪريون ڏنيون
ويون، جيڪو انهن کي ڪرڻو هو. انهن ٽن گهرجن کي سامهون رکي شاگردن ٻيهر ٽيسٽ وٺي
ماس ڪميونيڪيشن وارن شاگردن کي انفارميشن آفيسر مقرر ڪرڻ جي گهر ڪئي.
هنن متناضع 39 انفارميشن آفيسرن کان اڳ 2008ع ۾
18 ۽ 2010 ۾ 12 انفارميشن آفيسر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني مرحلي مان گذاري
انٽرويوز وٺي رکيا ويا، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي، خبر ناهي ته وقت جي اطلاعات
کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ 45 انفارميشن آفيسر رکڻ ۾ هزارين ڊگري کڻندڙ شاگردن جي
مستقبل جو ڇو نه سوچيو، ڇو کيس هيڏيون وڏيون پوسٽون بمبئي بيڪري جو لزيز ڪيڪ
لڳيون، جيڪي هن پنهنجا نواز پاليسي تحت تحفي ۾ ڏئي ڇڏيون.
ڪاوش جي ساٿ سان تمام شاگردن جي التجا آهي ته
جيڪڏهن اهي 39 غير قنوني ڀرتي ٿيل جيڪي پڪا ٿي ويا آهن، کين نه هٽايو ويو ته ايندڙ
10 سلن تائين انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪا پوسٽ انائونس نه ٿيندي ۽ هر سال 100 کان
مٿي شاگرد جيڪي ماس ڪميونيڪيشن شعبي ۾ ماسٽرس ڪري رهيا آهن، اهي دربدر ٿي ويندا يا
پنهنجو پيشو مٽائي ڇڏيندا، جيڪو هينئر تائين ٿيندو به آيو آهي، شاگرد ماسٽرس ته ڪن
ٿا پر ڪو اسڪوپ نظر نه اچڻ تي مايوس ٿي ٻين شعبن جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ ٻيو ته
جيڪڏهن ماس ڪميونيڪيشن جا شاگرد انفارميشن آفيسر ٿيندا ته هو 4 سالن دوران
يونيورسٽيءَ ۾ شعبي جي مختلف پبليڪيشن، ٿيوري ۽ پريڪٽس جي مرحلي مان گذري اچن ٿا،
جن کي ميڊيا لاز ۽ اٿڪس جي خبر هجي ٿي، حڪومت ان مان ڀرپور فائدو وٺي پنهنجو معيار
عوام آڏو رکي سگهي ٿي، ڇو ته غير تجربيڪار آفيسر عوام آڏو حڪومت جو اميج پيش ڪرڻ ۾
ناڪام ويا آهن ۽ ٽيون ته سنڏ جي
يونيورسٽين ۾ پي آر اوز جي پوسٽن تي به هاڻ ماس ڪميونيڪيشن جا شاگرد نٿا رکيا وڃن،
جي انفارميشن واحد پوسٽ به انهن کان کسي وئي ته دل شڪستا ٿي ٿيندا ۽ شعبي جي ڪابه
افاديت نظر نه ايندي. ان ڪري سنڌ جي وڏي وزير جنهن مان وڏيون اميدون آهن، کي گذارش
آهي ته هو سمري کي واپس وٺي 39 غير قانوني ڀرتي ڪيل آفيسرن بجاءِ ماس ڪميونيڪيشن
جي شاگردن لاءِ ٻيهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ جي ذريعي ليگل طريقي سان ميرٽ جو
خيال رکندي آفيسر رکرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
نعيم ميربحر حيدرآباد
No comments:
Post a Comment