Tuesday, March 1, 2011
سنڌوءَ ڪناري موٽي آ
سنڌوءَ ڪناري موٽي آ
تو هيل سياري موٽي آ
ٿو عشق اندر ۾ سڏڪا ڏئي
ڪو گيت گونجاري موٽي آ
تون پنهنجي پيار جي پيالي سان
ٻيو جام پياري موٽي آ
هيءَ راهه اتي ئي ختم پئي ٿئي
نئين راهه سنواري موٽي آ
ٿو موت اکين ۾ ڀانيان مان
تون يار جياري موٽي آ
(نعيم)
No comments:
Post a Comment
Newer Post
Older Post
Home
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment