Tuesday, February 22, 2011

منهنجي زندگي منهنجو گيت

منهنجي زندگي
منهنجو گيت آ
تون آن، انهيءَ جي شاعري
ڪجهه ڪجهه رٺل
ڪجهه پرچيل
ڏکايل گهڻي
خوش ظاهري....

جو ڪجهه به ان ۾ مٺاس آ
تنهنجي ساٿ جي آهي ڪري
تنهنجي چاهه جي آهي ڪري....

تنهنجي پيار ۾ جا سڳنڌ آ
متائي وئي، هر ڌنڌ آ،
جا منهنجي من ۾ موجود هئي

منهنجي زندگي
منهنجو ساٿ ڏي
نه ٿي تون مونکان دور دور
نه ته ساهه جو هي سلسلو
۽ زندگيءَ جو ڇلو
ٿي ويندو ڪجهه ڪجهه گهرگهلو
ٿي ويندو ڪجهه ڪجهه گهرگهلو......

نعيم

No comments:

Post a Comment