Wednesday, May 25, 2011

مونکان پوءِ منهنجو، منهنجن يارن کان پڇجو

لڳي واءُ ڪوسو، ته اونهاري کان پڇجو
پوي برف باري، ته سياري کان پڇجو
ڇڻن پن سارا، ته خزائن کان پڇجو
ٽڻن گل پيارا، ته بهارن کان پڇجو
ڏيئي ڏس پتو، اگر ڪوئي به نه منهنجو
ته مونکانپوءِ منهنجو، منهنجن يارن کان پڇجو


پوي ماڪ پياري، جڏهن پرهه ڦٽيءَ جو
ماڪ ۾ چمڪندڙ لاڙين کان پڇجو
وڃي صبح گذري، ٿئي سوجهرو جو
سج مان نڪرندڙ شعاعن کان پڇجو
تپش جي تپائي، ڏس پتو نه ٻڌائي
شام ڌاري لڳندڙ هوائن کان پڇجو
وڃي شام گذري، ٿئي جو اونڌارو
ڪاريءَ رات ۾ ٽمڪندڙ، تارن کان پڇجو
ڏئي ڏس پتو اگر، ڪوئي به نه منهنجو
ته مونکان پوءِ منهنجو، منهنجن يارن کان پڇجو


ڳوليو قيد خانه، ته به جي لڀان مان
فضائن ۾ ڳوليو، ته به نه سجهان مان
رولاڪ ٿي جيڪر، رڻن کي لتاڙيو
ڪنهن عاشق جيان، گهمون ڪي گهٽيون به
۽ نظرن کان اوجهل رهان آءُ جيڪر
ته ڪنهن عاشق، پرواني، ديواني کان پڇجو
ڏئي ڏس پتو اگر، ڪوئي به نه منهنجو
ته مونکان پوءِ منهنجو، منهنجن يارن کان پڇجو


گل تي ويٺل ڪنهن ڀنوري کان پڇجو
ملنگ، مست، مومن، ڪنهن چريي کان ئي پڇجو
جيئرا جي نه ٻولين، ته مئلن کان وڃي پڇجو
برن، جنگلن ۾ به ٿي سگهان ٿو مان
پسجو عڪس منهنجو، سمنڊ ڇولين ۾ به
جي اتي مان نه نظران، ته ڪنارن کان پڇجو
ڏئي ڏس پتو اگر ڪوئي به نه منهنجو
ته مونکان پوءِ منهنجو، منهنجن يارن کان پڇجو....


(نعيم)

No comments:

Post a Comment