سال جو آخري سج جنهن ويل لهڻ وارو هوندو آهي، ان ويل سنڌ جا امن پسند اديب، دانشور، شاعر، وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌوءَ وٽ سال جي آخري سج کي ان اميد ۽ دعا سان الوداع ڪندا آهن، ته شال نئين صبح، نئون سج، نئون سال سنڌ توڙي ملڪ لاءِ امن جو پيغام کڻي اچي ۽ گذريل سال جيان مائرن جون جهوليون خالي نه ٿين، امن جا پکي سدائين لاءِ اچي آباد ٿين، جيڪي ڪڏهن اڏاڻا نه هجن، پر افسوس ته هر سال ۽ هر نئون سج، نين اميدن ۽ خوابن تي پورو نٿو لهي! ملڪ مان امن جو پکي ڏور اڏامي ويو آهي!
اخبارن ۾ رپورٽ شايع ٿي آهي ته پاڪستان بدامني ۾ دنيا جو اٺون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته 2007 ۾ پرامن ملڪن ۾ 115نمبر تي هو، جيڪو هاڻ 146 نمبر بڻجي ويو آهي، صوماليه کي سڀ کان وڌيڪ بدامن ملڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ آئيس لينڊ امن جو آکيرو قرار ڏنو ويو آهي. عالمي امن انڊيڪس طرفان 153 ملڪن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ ڏهن جي فهرست ۾ صوماليا، عراق، سوڊان، افغانستان، اتر ڪوريا، ڪانگو، روس، پاڪستان، اسرائيل ۽ وچ آمريڪا ترتيب وار اچن ٿا، جڏهن ته پرامن ملڪن ۾ آئيس لينڊ، نيوزيلينڊ، جپان، ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ، آسٽريا، فن لينڊ، ڪئناڊا، ناروي، سلووينيا شروعاتي ڏهه ملڪ آهن، اسان لاءِ افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن ڌرتيءَ تي اسان رهون ٿا، سا ڌرتي عالمي ليول تي ڏينهون ڏينهن وڃي پئي پنهنجي ساک خراب ڪندي!
پاڪستاني حڪومت عالمي سطح تي دهشتگردي خلاف جيڪا پاليسي جوڙي آهي، ان پاليسيءَ ۾ امن کي هٿي گهٽ ۽ سهارو گهڻو پيو ملي، يا ته خود آمريڪي لائيسنس سان ٿا حملو ڪن، پوءِ اهي ڊرون حملا هجن، يا پنهنجي سر ڪارروائي ڪرڻ، بليڪ واٽر جو قيام هجي، يا ريمنڊ جيان ڇڙواڳ گهمندڙ آمريڪي، جيڪي جنهن وقت وڻين ماڻهن کي مارين، ۽ ٻه ڏوڪڙ ڏئي قانوني ڪارروائين کان به آجا هجن. ان پاليسيءَ جو ٻيو پاسو آهي، خودڪش بمبار، اهي دهشتگرد، جيڪي اسان جي قانوني ادارن جي پهچ کان به ڏور آهن، جيڪي عوام سان گڏ موت جو سامان کڻي سري عام گهمن ٿا، کين پڪڙجڻ جو ڪو ڊپ نٿو هجي، پاڪستاني قانون ۽ سندن پهچ کان هو چڱي ريت واقف ٿي ويا آهن، جتي وڻين، جڏهن وڻين، بم پيٽ سان ٻڌيو، گاڏين ۾ رکيو، ڌماڪا ڪن، ذميواريون به قبولين، پر کين ڪير به قانوني دائري ۾ نٿو آڻي سگهي!
اساما بن لادن جي پاڪستان ۾ هجڻ ۽ مارجي وڃڻ تي عالمي سطح تي بحث بجا آهي، پاڪستاني قانوني نظام اساما جي پاڪستان ۾ موجودگي، سو به ملٽري اڪيڊمي جي ڀر ۾ هجڻ، پاڪستان جي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو انديشو ظاهر ڪري ٿو ۽ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني قانوني ادارا ڪمزور آهن، جيڪي ڄاڻ کان محروم آهن پر اساما جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ملڪي حالتون وري هڪ ڀيرو ٻيهر ايتريون ته خراب ٿينديون پيون وڃن، جو شايد ايندڙ سال پاڪستان بدامنيءَ جي فهرست ۾ هڪ يا ٻه انگ اڳيان اچي وڃي، ڪراچيءَ ۾ پي اين ايس مهراڻ بيس تي حملي بعد پشاور ۽ هنگو ۾ آپگهاتي بم ڌماڪن جا نشان القاعده ۽ تحريڪ طالبان ڏانهن پيا وڃن،
۽ اهي پڻ رپورٽون آيون آهن ته هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ ڄاڻايل واقعن جي تحريڪ طالبان ۽ القاعده ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، پي اين ايس مهراڻ واقعي ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿيا، هنگو آپگهاتي حملي ۾ اهلڪارن سميت 29 ڄڻا شهيد ٿيا، پشاور ۾ سي آءِ ڊي سينٽر تي آپگهاتي حملي ۾ اهلڪارن سميت ۸ شهيد ٿيا، ٽنهي واقعن جو ٽارگيٽ پاڪستان جا قانونساز ادارا رهيا.
اساما بن لادن جي مارجڻ کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڏي ڪاميابي ته قرار ڏنو پيو وڃي، پر سندس مارجي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پاڪستان ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ دهشتگرد حملا ٻڌائين ٿا ته اساما جو مارجي وڃڻ ڪا فتح ناهي، دهشتگرد سرگرم آهن، طالبان ترجمان احسان الله احسان جو ته بيان آهي ته آپگهاتي حملو اساما جي مارجڻ جو ننڍڙو پلاند آهي، جلد وڏا حملا ڪيا ويندا، ته پوءِ اهڙي چتاءَ جو جواب اسان جي قانونساز ادارن وٽ ڇا آهي؟ پاڪستان کي ته بدامنيءَ ۾ ٽاپ ٽين ۾ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويو آهي، پر آمريڪا ڪهڙي نمبر تي آهي، اها خبر نه پئجي سگهي آهي، جيڪي جنگون ڪن ٿا، ڊرون حملن ۾ ماڻهون مارين ٿا، پنهنجون پاليسيون ٻين ملڪن تي مڙهين ٿا. ملڪي عوام ڄاڻڻ گهري ٿو ته آخر پاڪستان ڪنهن جو ڇا ته بگاڙيو آهي، جو روز دهشتگردن جي نشاني تي آهي، پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ امداد کان هٽي ڪري ڪا پاليسي جوڙڻ گهرجي، آمريڪي امداد هن خطي لاءِ خطرو بڻيل آهي.
No comments:
Post a Comment