Sunday, June 12, 2011

قومپرستن کي اپيل: سنڌي وسندين کي امن موٽائي ڏيو...



قومپرستن کي اپيل: سنڌي وسندين کي امن موٽائي ڏيو...

نعيم ملاح

جتي سنڌ ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿيندي، اتي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جو ذڪر شايد سڀ کان اڳ ٿيندو، قاسم آباد قومپرستن جو ڳڙهه آهي، هن شهر مان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسيءَ جي موقعي تي ۵ مختلف جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هڪ نظريئي، هڪ جهنڊي هيٺ مختلف گاڏين جا قافلا نڪرندا آهن، جسقم، جسقم )آريسر گروپ)، جسمم، جسم، جساف جا جهنڊا قاسم آباد جي سڃاڻپ بڻيل آهن، هونءَ ته سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سيو سنڌ موومينٽ )جيڪا نواز شريف جي ٻن قومپرست پارٽين سان ملاقات بعد هاڻ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ زم ٿي وئي آهي) جا جهنڊا ۽ وال چاڪنگ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر گهٽيءَ ۾ نظر ايندا، پر قاسم آباد اهو شهر آهي، جتي چارئي قومپرست پارٽيون ڳالهين واري عمل مان گذري سوچ جو سفر طئه ڪن ٿيون، سپنا جا اجلاس هن ئي شهر ۾ ٿيندا هئا، آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي سنڌ سان ٿيل ۽ ٿيندڙ ذيادتين تي غور ويچار ڪري پنهنجا خدشا ميڊيا ذريعي حڪمرانن تائين پهچائي ٿي، ڪڏهن ايس ٽي پي هائوس تي سنڌ جي حقن ۽ اشوز لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو آهي، ته ڪڏهن پليجو هائوس تي هنگامي اجلاس ڪوٺايا ويندا آهن، سنڌ جو سڀئي قومپرست پارٽيون گهڻو تڻو هن ئي شهر ۾ گڏ ويهنديون آهن ۽ پوءِ پنهنجو احتجاج سنڌ جي قيادت توڙي وفاق تائين پهچائينديون آهن، بقول پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر جي ته ”اسان کي سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ قومپرستن جا احتجاج ۽ رايا وفاق سامهون ڳالهين ۾ تمام گهڻا ڪم ايندا آهن، سندن پريشر کي اسان ڳالهين ۾ سامهون رکندا آهيون ۽ وفاق کي ٻڌائيندا آهيون ته سنڌ هيئنءَ ٿي سوچي“ . اهڙي ڳالهه هن ايس پي او آفيس ۾ 18هين ترميم بابت ڪوٺايل پروگرام ۾ ڪئي هئي. اڄ آءُ پنهنجو احتجاج پنهنجين قومپرست پارٽين آڏو رکان ٿو ته سنڌي وسنديون بدامنيءَ جي ور چڙهي ويون آهن، نوجوان ڏينهن توڙي رات جو قاسم آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڦر جون وارداتون ڪري رهيا آهن، جڏهن ڪراچيءَ ۾ رينجرس جا اهلڪار ڪنهن نوجوان کي سري عام گوليون هڻي قتل ڪن ٿا ته هڪ خوف ورائي وڃي ٿو ته ڪٿي سڀاڻي حيدرآباد جي سنڌي وسندين ۾ به ڪنهن نوجوان جو قانوني ادارن پاران گولين هنيل لاش نه ملي، هڪڙا قانوني ادارن جا اهلڪار پاڻ کي عدالتن کان اعليٰ سمجهي رهيا آهن ۽ هڪڙن جو ڪردار ته ائين آهي جنهن مان نه ڪنهن دشمن کي ڀو آهي نه سڄڻ کي آسرو، پوليس کي پوليس چوڻ به سٺو نٿو لڳي، حڪومت ۾ ويٺل پارٽين کي ته چوڻ ئي اجايو آهي، ان ڪري قومپرست پارٽين مان اميد رکي هيءَ ڳالهه ڪجي ٿي.
فڪري ڳالهه آهي ته قاسم آباد، جيڪو توڙي جو قومپرستن جو ڳڙهه آهي، جتي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿئي ٿي، امن اتحاد جڙن ٿا، جتي عالمي دهشتگردي کي ننديون وڃي ٿو، پر سنڌ جيڪا امن جي ڌرتي آهي، جيڪا ولين جي سڃاڻپ آهي، جيڪا مهمان نوازي ۾ مشهور آهي، ان سنڌ جي سنڌي وسندين ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦر جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي وڻ ٿي ويون آهن، جنهن جي پاڙ اکاڙي به نٿي سگهجي!
رات جا رهزن ڪنهن کي ڪوٺجي؟ ڪنهن جي همت جو ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلون ڦرين؟ مصروف روڊن تي پسٽول کنيو لٽين؟ قاسم آباد ته اهو شهر آهي، جتي اسان اجلاس ڪوٺائي ڪراچيءَ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪندا آهيون، ته پوءِ ان ساڳئي شهر ۾ هٿيار ڏينهن ڏٺي جو ڪيئن استعمال ٿي رهيا آهن ۽ ڪير استعمال ڪري رهيا آهن؟ ان کان وڌيڪ شرم جوڳي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته شهر به پنهنجو، لٽجندڙ به پنهنجا ۽ لٽيندڙ به...!!!
23 مئي تي آءُ حيدرآباد پريس ڪلب مان رات جو هڪ بجي پنهنجي هڪ سينيئر صحافي سان گڏ گهر پئي ويس، ٿڌي سڙڪ وٽ اڇي رنگ جي مهراڻ ڪار اچي بيٺي، گهيرن واري شلوار پهريل دوست، ڪنڌ تي رومال )جيڪو هن مون تائين پهچڻ دوران پاڻ ڍڪڻ ۾ ڪم آندو( مون سامهون آيو، پيٽ تي پسٽل رکي تمام آهستي چيائين جلدي ڪر موبائيل ڪڍ! ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو منهنجو جگري دوست هجي ۽ پنهنجائپ مان موبائيل پيو گهري، خير منهنجو هٿ اڃان کيسي تائين پهتو ئي نه هو ته ٿورو زور ڏيندي چيائين جلدي ڪر نه ته کڻندو سائن سر! سر سڀن کي پيارو، سو مون کيس جهٽ پٽ ۾ موبائيل ڏني ۽ هو ڪار ۾ ويهي وڃڻ لڳا، اتفاق جي ڳالهه هو به قاسم آباد ڏي لڙيا ۽ اسان کي به قاسم آباد ئي وڃڻو هو، بحرحال هو ٿورو جلدي وڃي گهر ڀيڙا ٿيا هوندا ۽ اسان ڄاڻي واڻي آهستي ٿي وياسين! صبح جو جيئن ئي آفيس آيس ته اسان جو محترم دوست ۽ استاد ڪاظم جتوئي پريشان ويٺو هو، پڇيو مانس سائين ڇو پريشان آهيو، چيائين ادا ممتاز ڊيوٽي تي پئي ويو، صبح جو 10 بجي گهوڙا گرائوڊ وٽ بائيڪ، پئسا ۽ موبائيل ڦرجي ويا آهن، قاسم آباد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، الله ڪري ڪا سڻائي ٿي پوي! بحرحال ڪا سڻائي نه ٿي! قاسم آباد ٿاڻي تي داخل رپورٽ تي هميشه جيان ڪابه پيش رفت نه ٿي ۽ اهو ڪو هڪ واقعو ناهي، روز اهڙا کوڙ سارا واقعا اخبارن ۾ شايع ٿين ٿا، ڪي شايع نه به ٿين ٿا.
هر ماڻهوءَ جي راءِ بجا آهي ته تعليمي ادارن کان وٺي شهر ۾ رينجرس جي مداخلت بند ڪئي وڃي، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ نوجوان سرفراز کي سري عام قتل ڪرڻ ۽ خروٽ آباد واقعي کانپوءِ شايد ئي ڪو رينجرس جي حق ۾ هجي، رينجرس کي ڪنهن شهري کي گوليءَ هڻڻ جو اختيار نه هجڻ باوجود ڪراچيءَ ۾ ميٽرڪ جي شاگرد کي جنهن طريقي سان سري عام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ان سان انسانيت جي تذليل ٿي آهي، رينجرس ته پاڻ کي عدالتن کان به مٿانهون ڪري ڇڏيو، خير سپريم ڪورٽ سميت سنڌ اسيمبليءَ کان وٺي ملڪ جي صدر توڙي وزير اعظم واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ قاتل رينجرس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جهڙا بيان به سامهون آيا آهن، پر اهڙيءَ صورتحال ۾ رحمان ملڪ جا بيان چڙ ڏياريندڙ آهن ته ڄاڻايل نوجوان ڪراچيءَ ۾ مختلف ڏوهه جي وارداتن ۾ ملوث هو، پر اها ڳالهه کيس نظر نٿي اچي ته ڪنهن به نوجوان کي ڦر جي الزام ۾ پوليس حوالي ڪرڻ بجاءِ سري عام گوليون هڻڻ ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آهي؟ اهو نوجوان ڪيئن نه رينجرس جي اهلڪارن آڏو زندگيءَ جي خيرات پيو گهري، پنهنجيءَ غلطيءَ جو اعتراف به ڪيائين، پر کيس ان باوجود گوليون هنيون ويون، هو تڙپي رهيو هو، سندس بدن مان رت پئي وهيو، هن رينجرس اهلڪارن کي اپيل به ڪئي ته ڀلا اسپتال وٺي هلو! پر بي رحم رينجرس اهلڪارن انسانيت جي تذليل ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي ۽ نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، اڄ جڏهن سندس اها فوٽيج ميڊيا تي هلي رهي آهي ته نوجوان جي والدين تي ڇا گذرندي هوندي! ڪاش، نوجوان کي مارڻ کان اڳ اهي رينجرس اهلڪار ٿورو سوچين ها، پر فوٽيج مان صاف نظر ٿو اچي ته رينجرس اهلڪار ڪجهه سوايو ئي پاڻ کي شينهن ۽ عوام کي ٻڪري سمجهي رهيا آهن، نوجوان کي گولي هڻندڙ رينجرس اهلڪار به شڪل مان نوجوان نظر اچي ٿو ۽ سندس شڪل ٻڌائي ٿي گهٽ ۾ گهٽ سندس واسطو پر امن صوفين جي ڌرتي سنڌ سان ناهي!
اسان کي پنهنجي پاڻ ڏانهن به جهاڪڻ گهرجي، جي اسان پنهنجي معاشري کي ايڏو بدامن بڻائي ڇڏينداسين ته رينجرس جي مداخلت کي روڪڻ جو جواز به اسان وٽ نٿو بچي، اسان جي يونيورسٽين ۾ ڪرڪيٽ راند تان گوليون هلن ٿيون ۽ شاگرد مرن ٿا، پوءِ رينجرس اچي ٿي بيهي رهي، ڪڏهن ڪنهن رينجرس واري ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ناهي چيو، ڪنهن استاد جي آَفيس ۾ وڃي کيس نمبر نه وڌائڻ تي پسٽل رينجرس واري ناهي ڏيکاريو، يونيورسٽين جي مک چوراهن تي رينجرس وارن جي ڪري خوني چوڪ جهڙا نالا ناهن پيا، )سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي واري ڪينٽين واري چوڪ ۽ هاسٽل واري هنڌ کي خوني چوڪ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو) اهو سڀ اسان جا ڪامريڊ )بقول انهن جي ته اسان ڪامريڊ آهيون( ڪري رهيا آهن، جن کي شايد ڪامريڊ لفظ جي پوري معنيٰ، مان ۽ مرتبي جي به خبر نه هوندي! ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد شهر ۾ رينجرس وارا رستن تي بيهندا هئا، کين جنهن تي شڪ هوندو هو، کيس روڪيندا هئا، پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ ڇڏيندا هئا، قاسم آباد جي انٽري گيٽ، واڌو واهه روڊ، حيدر چوڪ، فتح چوڪ، راڻي باغ، گهوڙا گرائونڊ وٽ رينجرس جي موجودگيءَ سبب ڦرن جون وارداتون گهٽ ٿي ويون هيون، رڳو ڳڻتي اها هوندي هئي ته لائيسنس ضرور ساڻ کڻون پر جڏهن کان رينجرس بيهڻ ڇڏيو آهي، رات جي رهزنن جي ته ڄڻ عيد ٿي پئي آهي ۽ شهرين جي من ۾ مونجهارو ۽ ڦرجي وڃڻ جو خوف آهي، پر جي اسان پنهنجي معاشري کي پاڻ پر امن بڻائي ڇڏيون ته اسان کي نه رينجرس جي ضرورت پوندي نه ڪي نام نهاد پوليس جي، جيڪا نه ڪنهن ليکي ۾ آهي نه چوکي ۾!
حيدرآباد جو واڌو واهه روڊ، گهوڙا گرائونڊ، ٿڌي سڙڪ، آٽو ڀان روڊ ڦورن جا مرڪز رهيا آهن، ڦرون ته روز ٿين ٿيون، پر گذريل مهيني ۾ ته آٽو ڀان روڊ تي ڦورو ڦر دوران نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا. اهو حشر رڳو قاسم آباد سميت ٿڌي سڙڪ ۽ آٽو ڀان روڊ جو ناهي، لطيف آباد ۾ به ڦرون اڻ ڳڻيون ٿيون ٿين، ان کان علاوه حيدرآباد جون ٻهراڙيون به هاڻ ڦورن جي ور چڙهي ويون آهن، حيدرآباد جي تعلقي ٻهراڙي جي راهوڪي پوليس اسٽيشن، مسو ڀرڳڙي روڊ، نيو حيدرآباد سٽي روڊ، واڻڪي وسي روڊ، ٽنڊو ڄام ٿاڻي، ٽنڊو قيصر روڊ، پٻڻ ٿاڻي جي حد ۽ ٽنڊو فضل روڊ بدامني جي شديد ور چڙهيل آهن، جتي رات جو سفر ڪندڙ پاڻ ڦرايو وڃن. تازو ئي نيو حيدرآباد سٽي ۾ ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪري رهيا هئا، اتان گذرندڙ هڪ صحافي دوست فون ڪري پوليس کان لوڪيشن پڇي، جواب مليو ته اسان نيو حيدرآباد سٽي موڙ تي بيٺا آهيون ۽ ان جي ۲ منٽن جي مفاصلي تي ڦر جي واردات هلي رهي هئي، صحافي دوست تڪڙ ۾ وڃي پهتو ته ڏٺائين پوليس هوٽل تي چانهن پي رهي هئي ۽ کين ڪا به پرواهه نه هئي ته کين ڪا ڦر جي معلومات ملي آهي ۽ سندن فرض ٿئي ٿو ته هو ڦر واري واردات تي پهچن. لطيف آباد ٻهراڙي ۾ ڳوٺ جان محمد رند مان مور هالي جي گهر مان ۲ مينهون نڪري ويون، کين سجاڳي ٿي ته هنن پيرا کنيا، ڳوٺ جا نوجوان به مور هالي سان گڏ نڪري پيا، کين خبر پئي ته مينهون مزده ۾ وجهي چورن لطيف آباد واري پاسي جو رخ ڪيو آهي، مور هالي پنهنجي لطيف آباد جي هڪ دوست کي فون ڪري روڊ تي خبر جي پڪ لهڻ جو چيو، مزده جڏهن اتان گذري ته روڊ تي بيٺل همراهن مزده جو پيڇو ڪيو ۽ مزده ۾ ويٺل چورن مزده روڪي کين مارڪٽ ڪري مينهن سان گڏ موٽر سائيڪل ۽ لائيسنس وارو پسٽل به کڻي ويا، مور هالي جو گذارو ان مال تي هو، ٻه مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي، مينهون نه موٽيون، اهڙا الائي ڪيترا واقعا اسان جي شهر ۾ روز ٿين ٿا، اسان جون سنڌي وسنديون ڦورن ۽ چور خانن جي ور چڙهي ويون آهن.
اسان جي قومپرست پارٽين کي گذارش آهي ته ڇو ته اسان شهري رياستي تحفظ تي يقين نٿا رکون، رياست جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي تحفظ ڏئي، پر پوليس وارن جا پيٽ وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن وڏا ٿيندا، کين چورن پٺيان ڀڄڻ جيتري صحت ناهي رهي، باقي رينجرس جڏهن تحفظ ڏيڻ کان هٽي ڪري قاتل بڻجي وڃي ته پوءِ اها گهر ويٺي ڀلي! هو جڏهن مهراڻ بيس تي حملو ڪندڙن کي سوگهو ڪري نٿا سگهن، روز جا ٿيندڙ خودڪش بم حملا روڪڻ به سندن وس ۾ ناهي رهيو، سو هاڻ خروٽ آباد واقعي ۽ ڪراچيءَ ۾ نوجوان سرفراز کي قتل ڪري هنن ثابت ڪيو آهي ته هو دهشتگردي خلاف جنگ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن، هو هٿين خالي نوجوانن کي ئي ماري سگهن ٿا پر روز حملا ڪندڙ دهشتگرد سندن گوليءَ جي نشاني کان پري آهن، کين هاڻ رائيفل ڏيڻ جي به ڪا معنيٰ نٿي بچي، ڪراچيءَ ۾ جي نوجوان جو ڪو ڏوهه هيو به ته کيس مارڻ بجاءِ پوليس حوالي ڪيو وڃي ها، پر هاڻ ته رينجرس عدالتن جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي سنڌي وسندين کي بچائڻ لاءِ مونجهاري جي شڪار قوم جون اکيون قومپرستن ڏانهن وڃن ٿيون، هو سنڌ ۾ امن ڏسڻ جي خواهشمند آهن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي به پريشان آهن، ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڏسڻ گهرن ٿا، ته پوءِ قاسم آباد جنهن جو هر ٻيو شخص ڪنهن نه ڪنهن قومپرست پارٽي سان سلهاڙيل آهي، ان ۾ بدامنيءَ جي ٻرندڙ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪو پلان، ڪو اجلاس، ڪو جلسو، ڪو احتجاج ڇو نٿو ڪوٺايو وڃي، نه رڳو قاسم آباد، پر ڪراچيءَ سميت سنڌ جي تمام شهرن ۾ امن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ امن مارچ ڪرايا وڃن، امن فورس ٺاهيو وڃي، سنڌ جي نوجوانن جي اهليت تي جڏهن به ڪو سوال اٿيو آهي ته ان تي قومپرستن سميت هر سنڌ ڄائي اٿي کڙو ٿي جواب ڏنو آهي ته پوءِ سنڌي نوجوان جيڪي ڏينهن توڙي رات جو سنڌين کي ئي ڦرين پيا، انهن کي سڌي راهه ڏيکارڻ ۾ اسان جا قومپرست ناڪام ڇو ويا آهن؟ جيڪڏهن خيبرپختون خواهه ۾ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اتان جا ماڻهو ڪا امن فورس ٺاهي سگهن ٿا، ته قومپرست امن اتحاد، يا امن فورس ڇو نٿا ٺاهن، جنهن جو ڪم سنڌ جي شهرن، ٻهراڙين ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي باهه کي روڪڻ هجي، قومپرستن جو ڳڙهه قاسم آباد به بدامنيءَ جي باهه ۾ ورتل هجي ۽ سنڌي نوجوان رات توڙي ڏينهن سنڌين توڙي غير سنڌين کي لٽين، ڦرين، ته ان ۾ اسان سڀني جي ناڪامي آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي راهه ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. قومپرستن کي سنڌ جي سنڌي وسندين کي پر امن بنائڻ لاءِ پريشر گروپ طور ڪم ڪرڻ گهرجي.

naeemmalah@yahoo.com

No comments:

Post a Comment