Tuesday, June 28, 2011

ماحولياتي گدلاڻ ۽ ننڍا ننڍا قدم...



ماحولياتي گدلاڻ ۽ ننڍا ننڍا قدم...

نعيم ملاح

هڪ ماءُ صبح سانجهي پنهنجي پٽ کي وهنجاري ٿي، سينڌ ڪڍي ٿي، ناشتو ڪرائي، پيرن ۾ بوٽ وجهي ٿي ۽ پٺن تي بيگ پارائي، کيسي ۾ پئسا وجهي، مٺي ڏئي اسڪول موڪلي ٿي، ان ماءُ جي من ۾ سندس پٽ لاءِ ڪليڪٽر ٿيڻ جا خواب هجن ٿا  ۽ هڪڙي ماءُ صبح سويري پنهنجي پٽ جي  پٺ تي ڪنهن اسڪولي بيگ پارائڻ بجاءِ ڪاغذ ڪچرو ميڙڻ لاءِ وڏو ڪپڙو ڏئي ٿي، ضرور اها ماءُ مٺي به ڏيندي هوندي، وهنجاري سينڌ به ڪڍندي هوندي، ناشتو به ڪرائيندي هوندي، پر هو پنهنجي پٽ جي پيرن ۾ بوٽ ۽ مستقبل ۾ ڪليڪٽر ٿيڻ جا خواب نٿي ڏسي سگهي، هوءَ پنهنجي پٽ جي ڪپڙن کي ڪا خوشبو به نٿي هڻي سگهي، سندس پٽ ته گند ڪچري مان ايندڙ بدبوءَ جو عادي آهي! هوءَ ان ماءُ جيان اسڪولي وقت ختم ٿيڻ جو انتظار به نٿي ڪري سگهي، کيس ته سج لهڻ جو انتظار ڪرڻو هوندو آهي، سندس پٽ جي ڪپڙن مان غريبيءَ جي بدبوءِ ايندي آهي!
هيءُ سماج اهڙن ٻارن کي چڱين نگاهن سان نٿو ڏسي، جيڪي دراصل ته اسان جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، بظاهر ته اهي غريبي جي ور چڙهيل ٻار، جن کي گدلا سمجهي هٿ ملائڻ کان به پرهيز ڪيو وڃي ٿو، کين ڪو سلام به نه ڪندو هوندو، پر سندن ڪردار دراصل ان شاهوڪار کان تمام گهڻو اتم آهي، اعليٰ آهي، جيڪو ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نٿو ڇڏي، روزانو هزارن جي خريداري ته ڪئي وڃي ٿي، جن جا ڪاغذ ۽ پلاسٽڪ اسان روڊن، رستن، گهٽين ۾ ڏسون ٿا، جيڪي ڪچري جي دٻن (ڊسٽ بن) تائين به پهچائڻ جي زحمت نٿي ڪئي وڃي، جي اهي ٻار ميڙي ريسائيڪلنگ تائين نه پهچائين ته شايد اسان جو ماحول اڃا به خراب هجي ها.
عالمي سطح تي ماحولياتي گدلاڻ تمام وڏو اشو بڻيل آهي،  ايتري حد تائين جو مس ورلڊ جو انتخاب ٿيندڙ ناريءَ کان به پهريون سوال اهو پڇيو وڃي ٿو ته توهان جو گلوبل وارمنگ بابت ڇا خيال آهي، توهان ماحولياتي گدلاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ  وٺندو،  ڌرتيءَ جو گرمي پد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي،  حيدرآباد جون هوائون ته مشهور رهيون آهن، پر پٺين ڪجهه سالن کان حيدرآباد جي هوائن ۾ به گرمي پد وڌي ويو آهي،  ٻين ملڪن ۾ انهن گاڏين کي روڊ تي هلڻ ناهي ڏنو ويندو، جيڪي دونهون ڇڏينديون هجن، ڇو ته دونهين ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڏي مقدار ۾ شامل هجي ٿو، جيڪو اسان جي ماحول لاءِ تمام گهڻو خراب آهي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ميٿين، واٽر ويپر، نائٽروس آڪسائيڊ، اوزون  اهي گئسون آهن، جن کي گرين هائوس گيسز چيو وڃي ٿو، جي اهي گئسون نه هجن ها ته ڌرتيءَ تي تمام گهڻي ٿڌ هجي ها ۽ اسان لاءِ رهڻ ڏکيو هجي ها، پر ان جي ابتڙ انهن گئسن جو تمام گهڻو وڌي وڃڻ ڌرتيءَ تي گرمي پد کي وڌائي ڇڏيندو،   اهي گيسو جڏهن مٿي آسمان ڏانهن وڃن ٿيون ته اتي هڪ سطح ٺهيل آهي، ان کي نقصان پهچائين ٿيون، ان سطح کي اوزون ليئر چيو وڃي ٿو، اوزون ليئر جو اسان جي ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، جي اوزون ليئر نه هجي ها ته ڌرتيءَ تي ساهه واري شي جو نالو نشان نه هجي ها، ماحوليات جي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين انسان دشمن گئسن ان سطح (ليئر) کي هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌندڙ مقدار کي نه روڪيو ويو ته اهو سوراخ وڌي ويندو ۽ ڌرتيءَ تي گرمي تمام گهڻي وڌي ويندي، گرمي وڌڻ سان گليشيئر ڳري ويندا ۽ گليشيئر ڳرڻ جي نتيجي ۾ ٻوڏن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيندو ۽ گليشيئر ڳري وڃڻ کانپوءِ اسان جا درياهه سڪي ويندا ۽ انسان لاءِ پاڻيءَ کانسواءِ جيئڻ مشڪل بڻجي ويندو.  حيدرآباد پريس ڪلب ۾ انڊس رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن طرفان ماحوليات بابت ڪوٺايل پروگرام ۾ اهو خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته سياچن گليشيئر تي هندستان ۽ پاڪستان جي فوج جي مداخلت سبب اهي گليشيئر ڳري رهيا آهن،  ماحوليات ۾ گرمي پد به وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي سياچن گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته اڳ سياچن گليشيئر 80 سيڪڙو برف ڄمائيندو هو ۽ 20 سيڪڙو برف ڳرندي هئي، جنهن جو پاڻي اسان جا درياهه آباد ڪندو هو، پر هاڻ رڳو 20 سيڪڙو برف ڄمائي ٿو ۽ 80 سيڪڙو ڳري رهيو آهي، اهڙي رفتار سان ايندڙ 50 سالن ۾ سياچن جي ڳري وڃڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
5 جون جيئن ته عالمي ماحولياتي ڏهاڙو هو، ان ڏهاڙي ته آر ڊي ايڇ آر نالي سماجي تنظيم طرفان ڄامشورو ضلعي جي مانجهند جي ڳوٺن ۾ وڻ پوکيا ويا هئا، ان دوران جيڪي وڏڙا موجود هئا، اهي توڙي جو ماحوليات جي سائنٽيفڪ پهلوءِ کان ڀلي غير واقف هجن، پر وڻن جي واڍي تي هو فڪر مند هئا ۽ فائدن مان بخوبي واقف هئا. سندن راءِ هئي ته جيڪڏهن اسان جا ٻيلا نه وڍجن ها ته سنڌ ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ نه اچي ها، ڇو ته ٻيلا ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪيندا آهن،  سندن چوڻ هو ته ٻيلا ڇو ته سندن گذر سفر جو ذريعو رهيا آهن، هو ٻيلن ۾ نه رڳو مال جو چارو حاصل ڪندا هئا، پر ماکيءَ کان وٺي، کنئور ۽ ٻيو قيمتي دوائن جون جڙي ٻوٽيون پڻ ٻيلن مان حاصل ڪندا هئا ۽ اهو سندن گذر سفر جو وڏو ذريعو هوندو هو، جيڪو هاڻ ختم ٿيندو پيو وڃي.  ڪجهه ڏينهن اڳ آر ڊي ايف نالي سماجي تنظيم طرفان ماحولياتي صحافت بابت هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو هو،  جنهن ۾ صحافين کي ماحوليات بابت آگاهي ڏني وئي،  ان موقعي تي اهو پڻ چيو ويو هو ته ميڊيا ۾ سياست کي جڳهه ملي ٿي پر ماحوليات کي نٿو اسپيس ملي، سيمينار ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته حڪومت اينٽي انوائرنمينٽ پراجيڪٽ فوري ختم ڪري، سياسي پارٽيون پنهنجي منشور ۾ ماحوليات کي ترجيح ڏين، اهي حقيقت آهي ته اسان جي اخبارن ۾ ماحوليات بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جي اسرائتا قدم کنيا وڃن ته هوند ماڻهو باشعور هوندا ۽ ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ان لاءِ صحافين تي به وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي، ڇو ته صحافي سماج جو آئينو آهن،   کين ماحوليات دوست ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،  ماحول جو انفراديت تي تمام وڏو اثر آهي، ڀلي هو ماحول خراب ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪري پر ماحول جو سندس زندگيءَ تي گهرو اثر هجي ٿو.
توڙي جون ماحولياتي گدلاڻ ۾ ترقياتي ملڪن جو تمام گهڻو هٿ آهي، وڏا وڏا پروجيڪٽس، پلانٽ، فيڪٽريون، انهن مان نڪرندڙ دونهون، ويسٽ مٽيريل، جيڪو هو ڪٿي پورڻ بجاءِ کليل ڇڏي ٿا ٿين، اسان جي ماحول کي تمام گهڻو خراب ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ اهڙي طرح فيڪٽرين ۽ پلانٽن جو گند ڪچرو پئسا ڏئي درياهن، واهن، ڦليلين ۾ وهايو وڃي ٿو، جيڪو انسانيت جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر ننڍا ننڍا قدم وڏيون وڏيون تبديليون آڻيندا آهن ۽ هن وقت ماحول کي بچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي تبديليءَ کان به وڏي تبديلي جي ضرورت آهي،  ان ڪري ان ڳالهه تي سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڪهڙا ڪهڙا ننڍا قدم انفرادي حيثيت سان کڻڻ گهرجن ۽ ادارن کي ڪهڙيون پاليسيون جوڙي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي انقلابي قدم کڻڻ گهرجن، ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ انفرادي حيثيت سان سولو طريقو وڻ پوکڻ ۽ دونهين وارين گاڏين، ٿيلهين ۽ ڪاغذن جو گهٽ استعمال ڪرڻ آهي، وڻ ئي ماحول کي بهتر بنائڻ جو وڏي ۾ وڏو ۽ سستي ۾ سستو ذريعو آهن، وڻ  ڏينهن جو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جزب ڪن ٿا، جنهن سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار قدرتي طور گهٽجي وڃي ٿي، ٻيو ته دونهين وارين گاڏين جو استعمال نه ڪرڻ سان اسان ڪاربان ڊآءِ آڪسائيڊ کي روڪي سگهون ٿا، ٿيلهيون استعمال نه ڪرڻ سان اسان ماحول کي بهتر ڪري سگهون ٿا ۽ ڪاغذ وڻن جي واڍيءَ کانپوءِ ٺهن ٿا ته جڏهن اسان ڪاغذ جو استعمال گهٽ ڪنداسين ته وڻن جي واڍي به گهٽ ٿيندي، عالمي سطح جي تنظيمن پنهنجي پاليسين ۾ هاڻي ڪاغذ جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، هاڻ ڪمپيوٽر ذريعي ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي، ڪاغذي اسائنمينٽس بجاءِ ڪمپيوٽر جي سي ڊي ۾ اسائنمينٽس ٺاهيون ۽ ٽرانسفر ڪيون وڃن ٿيون.  اسان کي پنهنجي آفيسن ۾ ڪاغذ جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي، غير سرڪاري دفتر ته وري به ٿورو گهڻو خيال ڪن ٿا، پر سرڪاري دفترن ۾ پرنٽر سامهون پيل ڪاغذن کي ضايع ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نٿي ڇڏي وڃي،جيڪو نه ٿيڻ گهرجي،  ٿيلهين جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيئن اڳ وڏڙا ڇٻن ۽ ڪپڙي جي ٿيلهن ۾ ڀاڄي ۽ ٻيو گهربل سامان وٺڻ ويندا هئا، هاڻ اسان انهن وڏڙن جي ماحول دوست روايتن کي ڇڏي ڏنو آهي.
بلڊر مافيا اسان جي ماحول، وڻن ۽ قدرتي حسن کي اڏوهيءَ جيان کائي رهي آهي،  ساوڪ کين سهڻي نٿي لڳي، وڏا وڏا پراجيڪٽس ٺاهي هو جنگل کي منگل ٺاهڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، پر ان جي ابتڙ هو جيترن وڻن جي واڍي ڪن ٿا،  زرخيز زمينن کي پٽ بڻائي ڇڏين ٿا، کين ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه ساوڪ کي سهارو به ڏيڻ گهرجي، جي هو هڪ وڻ وڍين ٿا ته 2 وڻن پوکڻ ۾ سندن پراجيڪٽس ختم نه ٿي ويندا، پر هو ايئن نٿا ڪن، ڳوٺاڻي زندگي وري به ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجي مٽ پاڻ آهي، هر گهر ۾ وڻ نظر ايندو، ٻينون ساوڪ سان سينگاريل هونديون، جي اسان جا ڳوٺ نه هجن ها ته هوند اسان جا شهر  دهشتگرديءَ جيان ماحولياتي گدلاڻ ۾ به پهرين ڏهه ملڪن ۾ شامل هجن ها، جيئن هاڻ تازي هڪ رپورٽ ۾ پاڪستان کي دهشتگرد ملڪن جي فهرست ۾ اٺون نمبر مليو آهي!
اسان مان گهڻو اتم واقعي اهو ٻار آهي، جيڪو روز گند ڪچرو ميڙي پاڻ ته گدلو رهي ٿو پر اسان جي ماحول کي بهتر بنائي ٿو، کيس شايد پورو اجورو به نه ملندو هوندو، اهڙن ٻارن جي سهائتا لاءِ ڪو به ادارو شايد ڪم نٿو ڪري، ماحوليات تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کي اهڙن ٻارڙن کي ڳولي ڳولي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ گهرجن، جيڪي ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ مثالي ڪم ڪري رهيا آهن،  اسان کي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ان ٻار جيان پنهنجو رويو اختيار ڪرڻو پوندو، پنهنجي ڪمري، پنهنجي گهر، پنهنجي گهٽي، پنهنجي آفيس تائين  ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ انفرادي قدم کڻڻا پوندا.
naeemmalah@yahoo.com

No comments:

Post a Comment